انگريزن جي دور ۾ سنڌ جون سرحدون

View previous topic View next topic Go down

انگريزن جي دور ۾ سنڌ جون سرحدون

Post by Admin on Tue Apr 11, 2017 2:42 pm

ايم ايڇ پنهور / مترجم: غلام محمد لاکو

ڪنهن به خطي جي سرحدن جي ڄاڻ، جاگرافيائي تاريخ جو هڪ اهم پهلو هجي ٿي. ان ريت سرحدي حد بندين جي مطالعي کان سواءِ خود تاريخ جو اڀياس نه اڻ پورو رهجي وڃي ٿو. سنڌ جي سرحدن جي مقرريءَ بابت، جناب ايم ايڇ پنهور صاحب جو تحقيقي مقالو رسالي “سنڌالاجيڪل اسٽڊيز” جي سال 1989ع جي اونهاري واري پرچي ۾ ڇپيو آهي. ان جو ترجمو سنڌي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو.

ابتدا ۾ جڏهن ته ڪي به نقشا نه هئا، ماپن ڪرڻ جا اوزار به نه هئا، ۽ نه وري سرحدن کي نروار ڪري پٿر هڻبا هئا، تڏهن سنڌ جي سرحدن جي شروع ۾ بهاول پور جي حاڪمن ۽ راجسٿان جي راجائن جو سنڌ جي ٽالپر حاڪمن سان، سرحدي تڪرار هلندڙ هو. راجسٿان ۽ بهاول پور جي رياستن، ترتيب وار سال 1810ع ۽ سال 1820ع ۾ برطانوي بالادستي قبول ڪئي هئي. انگريزن کي مذڪوره سرحدي تڪرار جي ڀرپور ڄاڻ هئي. جنهن کي پاڻ جلد کان جلد نبيرڻ گهريائون ٿي. کين اهڙو موقعو 1843ع ۾ سنڌ جي فتح ڪرڻ سان ملي ويو: ڇو ته هاڻي انگريز فيصله ڪن پوزيشن ۾ اچي ويا هئا. انهن هي مسئلو هن ريت حل ڪيو.

بهاول پور ۽ راجسٿان جي سرحد

مير علي مراد جي حدن مان بهاول پور جي حاڪم کي ڀنگ ڀاڙه ۽ سبزل ڪوٽ ڏنا ويا، جڏهن ته جيسلمير جي راجا کي شاهه ڳڙهه ۽ گوٽاڙو ڏنا ويا. ان کان علاوه اٻاوڙي تعلقي مان، فتح پور، دولت پور ۽ کنڀ، پڻ بهاول پور جي رياست ڏي منتقل ڪيا ويا. ايڇ ٽي لئمبرڪ پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ٻه دلچسپ نقشا ڏنا آهن، جي سال 1839ع ۽ سال 1840ع جي سرحدن جي نشاندهي ڪن ٿا. پر اصل ۾ هي نقشا سال 1932ع جي هڪ نقشي ۾ ٿوري تبديليءَ سان تيار ڪيا ويا آهن. لئمبرڪ هي نقشا “سر چارلس نيپئر اينڊ سنڌ” نالي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. هي ڪتاب آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس 1902ع ۾ شايع ڪيو هو. ٻنهي نقشن جا عنوان هن ريت رکيا ويا آهن:

(1) Upper Sindh, Karachi And Parts Adjoining In 1839

(2) Sindh In 1845

سنڌ جي اوڀارئين سرحد 1840 ۾ مقرر ٿي، پر مفصل نقشا 1862ع ۽ 1874ع ڌاري موجود ڪيا ويا.

ٿرپارڪر ضلعي سان راجسٿان جي سرحد ۽ بلوچستان سان حدبندي:

بمبئي فوج جا ڪئارٽر ماسٽر شعبي جي ليفٽيننٽ ڪرنل نيل ڪيمپ بيل جو تيار ڪيل سنڌ جو نقشو سال 1850ع ۾ شايع ڪيو ويو. هي نقشو، ” 54x “60 (انچ) سائيز جو هو ۽ هڪ ميل لاءِ اٺن انچن جي ماپ تي مشتمل هو. ان جي هڪ ڪاپي انڊيا آفيس(IO.NO.LV) لئبرريءَ ۾ موجود آهي، هي نقشو پهريون ڀيرو آر هيوز ٿامس جي ڪتاب: “ميمائرز آن سنڌ” ۾ شامل ڪيو ويو. مذڪوره ڪتاب سال 1855ع ۾ بمبئيءَ مان ٻن جلدن ۾ ڇپيو هو. ڪتاب جو سال 1979ع ۾ ڪراچيءَ مان به هڪ ڇاپو نڪتو آهي، ليڪن ان ۾ هي نقشو شامل ڪونهي. نقشو اڻ چٽو آهي. مون وڏي ايمانداريءَ سان ان کي نئون ڪري، هر هڪ چيز کي پنهنجي جاءِ تي رکي، جاگرافيائي ماڳن جي نالن کي اصلي هجي(Spellings) سان نروار ڪيو آهي (هي نقشو پنهور صاحب وٽ موجود آهي) هن نقشي ۾ سنڌ جي سرحدن جي مقرريءَ بابت ڪي مکيه ڳالهيون هي آهن:

* رڻ ڪڇ واري سرحد ڪيپٽن الگزينڊر برنس جي ڪيل سروي موجب (1825ع کان 1828ع تائين) ڏيکاريل آهي، جنهن کي 1829 ۾ نقشي جي شڪل ۾ آندو ويو هو. ليڪن ڪئارٽر ماسٽر هن سرحد جي منظوري نه ڏني هئي. ٻاڙميڙ ضلعي سان سنڌ جي اوڀارين سرحد، ڏکڻ ۾ ننگر پارڪر تعلقي جي هالا ڳوٺ ۽ ٻاڙميڙ جي ڳوٺ گواربو کان وٺي خيرپور ضلعي سان موجوده سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ ڪوملالا ٿور تائين اتر ۾، تڏهوڪي مير علي مراد جي علائقائي سرحد تائين ڏيکاريل آهي.

* 1800ع جو نقشو قلات ۽ لس ٻيلي سان سنڌ جي اولاهين سرحد، هاڻوڪي شهر خيرپور ناٿن شاه جي اٽڪل روءِ اولهه ۾، جيڪو تڏهن ڪراچي ضلعي جي حدن اندر هو ۽ ڏکڻ، اولهه جي حب نديءَ تي ڳوٺ جهنگ ڪنڊ تائين، جيڪو تعلقي ٿاڻي بولا خان ۾ هو پنهنجي حد ڏيکاري ٿو. هن نقشي مان ظاهر ٿئي ٿو ته مستقبل ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي حد بندي، حب نديءَ جي وچ تي ٿيڻي هئي، جيڪا هڪ دائمي ندي آهي.

جيڪب آباد ضلعي سان اترين سرحد

اپر سنڌ فرنٽيئر جي سياسي سپرنٽنڊنٽ ۽ ڪمانڊر ميجر جان جيڪب، بمبئي سرڪار کي 2 نومبر 1804ع تي هڪ رپورٽ موڪلي، اتر ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدن وٽ آباد قبيلن جي فهرست رواني ڪئي هئي. هن رپورٽ سان گڏ هڪ نقشو به آهي، جنهن ۾ جيڪب آباد ضلعي سان سنڌ جي اترين سرحد: قلات، پنجاب ۽ بلوچستان سان ڏيکاريل آهي. سرحد موجوده سرحد جي ڏيک ڏئي ٿي. پر جڏهن ان وقت جي ماڳن جي مفاصلي کي ماپجي ٿو، تڏهن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اها حقيقي ماپن بجاءِ، زور زبردستيءَ سان طئه ڪئي وئي هئي. ٿي سگهي ٿو ته سرحد مقرر ڪئي وئي هجي، پر نقشا درست ماپ ذريعي نه ٺاهيا ويا هجن.

انگريزن شڪارپور ۽ جيڪب آباد (خان ڳڙهه) جا علائقا سال 1839ع ۾ والاريا هئا، جڏهن انڊس آرمي افغانستان ڏي رواني ٿي هئي. هي قبضو سال 1843ع تائين جاري رهيو، جڏهن سنڌ کي به فتح ڪري گورنر جنرل جي حوالي ڪيو ويو.

جان جيڪب سال 1848ع ۾ سرحد کي مقرر ڪيو ۽ سنڌ هارس چيڪ پوسٽون: شهدادپور، ڳڙهي خيرو جمالي، روجهاڻ، دل مراد، ڳڙهي حسن، تنگواڻي، ڪمري ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ مقرر ڪيون ويون، جن جو انتظام جان جيڪب وٽ خان ڳڙهه (جيڪب آباد) ۾ هو. هي چيڪ پوسٽون ٻروچن تي نگاهه رکڻ لاءِ قائم ٿيون، جي سنڌ جي ڳوٺن تي حملا ڪندا رهندا هئا. لئمبرڪ جي ڪتاب (جان جيڪب آف جيڪب آباد) ذريعي تصديق ٿئي ٿي ته، هي پوسٽون سرحد کان ڪجهه ملي پري هيون. خان قلات يا ٻروچ قبيلن سان ٺاهه ڪرڻ کان سواءِ هي سرحد زوريءَ مقرر ڪئي وئي هئي. ان جو مقصد آباد ڳوٺن جو تحفظ ڪرڻ هو ۽ هي ڪم مناسب طرح سان ٿي ويو. مٿي ذڪر ڪيل جايون يان ماڳ لئمبرڪ هڪ نقشي ۾ ڏيکاريا آهن. هن نقشي جو عنوان هن ريت آهي: Upper Sindh, Karachi And Adjoinig Countries1839-1858

هي نقشو ”جان جيڪب آف جيڪب آباد“ ۾ ڏنل آهي، بهرحال استعمال ڪيل نقشو گهڻو پوءِ جي دور جو لڳي ٿو ۽ بلڪل انهن نقشن جهڙو لڳي ٿو، جيڪي ويهين صديءَ جو شروع ۾ ڪتب ايندا هئا.(1)

ڪڇ سان سرحد

سال 1851ع ۾ بمبئي فوج جي ڪئارٽر ماسٽر جنرل ” 13 x 20“ (انچ) جي چئن ڪاغذن (Sheets) تي، حيدرآباد ضلعي جو هڪ نقشو جاري ڪيو، جنهن ۾ هڪ انچ برابر به ميل ڏيکاريل آهن. هي اصل ۾ مختلف رستن جي ماپن بابت، چيف انجنير جي ماپ تي مشتمل نقشو هو. هن ۾ رڻ ڪڇ سن سنڌ جي ڏاکڻين سرحد ڏيکاريل آهي پر معتبر ڪانهي. ٽالپرن جي دور ۾ سنڌڙي، ڪڇ سان سنڌ جو هڪ سرحدي شهر هو. اهو 1819ع جي زلزلي سبب رڻ ڪڇ جي پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويو. سرحد نقشي ۾ سنڌڙيءَ جي اتر کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي ڏيکاريل آهي، جا ٽالپرن جي دور ۾ ڪسٽم چيڪ پوسٽ هئي.

ڪجهه ٻيٽ جهڙوڪر: بيار ٻيٽ، باواري ٻيٽ، گائينڊا ٻيٽ، ڪنجر ڪوٽ ۽ ڪي ٻيا ننڍڙا ٻيٽ، ٿرپارڪر جي ڪليڪٽر جي ضابطي ۾ هئا، اهو سال 1947ع تائين ڌنارن کان پنچري وٺندو ٿي آيو. نقشي ۾ ڏيکاريل سرحد سال 1829ع ۾ اليگزينڊر برنس ڇڪي هئي. جڏهن پاڻ ڪڇ ۾ اسسٽنٽ ڪئارٽر ماسٽر طور ڪم ڪري رهيو هو. اليگزينڊر برنس جو هي نقشو انڊيا آفيس(MS.India Office NO.LV111.16) لئبرريءَ ۾ موجود آهي. ان جي ماپ ”29 x“22 آهي ۽ هڪ انچ برابر ٻن ميلن جي نمائندگي ڪري ٿو.

سنڌ ڊائريڪٽريءَ موجب سرحدون:

جارج بياس جي “سنڌ ڊائريڪٽري” سال 1862ع ۾، بمبئي گزيٽ پريس مان پڌري ٿي هئي، جنهن ۾ سنڌ جو هڪ نقشو به هو. چند خاصيتون هي آهن:

* راجسٿان جي رياستن سان اوڀارين سرحد ساڳي آهي، جيئن برطانوي ننڍي کنڊ بابت پونين سڀني نقشن ۾ ڏسجي ٿي. هي سرحد 1840ع جو آخر ڌاري هميشه لاءِ طئي ڪئي وئي هئي.

* رياست بهاول پور سان سرحد جي پات ٿي هوندي. پر درست طرح سان نقشو نه ٺهيو، يا جي نقشو ٺهيو به هو ته سروي موجب نه ٺهيو هو. بهاول پور سان درست حد بندي، سال 187 کان پوءِ وارن نقشن ۾ ڏسجي ٿي.

*سنڌ ۽ پنجاب جون حدون جيئن ان وقت هيون، هڪ ٽڪنڊو ڏيکارين ٿيون. ان جا ٽئي طرف ويهه ويهه ميل هئا ۽ ٽوٽل پکيڙ 200 ميل هم چورس ڏسجي ٿي. هي ٽڪنڊو ان وقت سنڌ ۾ هو ۽ هاڻي پنجاب ۾ آهي، ان ايراضيءَ جون حدون نئن ”سوري لڪ“ جي حدن ۾ اچي وڃن ٿيون، جيڪا وڃي سنڌو نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. موجوده سنڌ جي سرحد تي بيٺل نشان (منارو)، پنجاب سان سنڌ جي اولاهين سرحد ٺاهي ٿو. هي ٽڪنڊي ايراضي ايسٽوڪ موجب، سال 1883ع تائين سنڌ ۾ شامل هئي. (1). ان جو مطلب ته هي ايراضي هن سال کان پوءِ پنجاب ۾ شامل ڪئي وئي. ايٽڪن جي سنڌ صوبي جي گزيٽير موجب، جيڪا سال 1907 ۾ ڇپي، هئي، هي ٽڪنڊو سنڌ جي حصي ۾ ڏيکاريل ڪونهي.

*رڻ ڪڇ سان ڏاکڻين سرحد توڙي رحمڪي بازار تائين ننگر پارڪر تعلقي جي اوڀارين سرحد، 1829ع جي الگزينڊر برنس جي سروي تي مدار رکي ٿي. نقشي ۾ سرحد ڏيکاريل آهي پر بمبئي فوج جا ڪئارٽر ماسٽر جنرل ان جي تصديق نه ڪئي هئي.

* هن نقشي ۾ ڏيکاريل سنڌ جي ساحلي ڪناري جو مدار ٽي، جي، ڪارلس جي ڪيل سروي تي آهي.(2) هن ڏس ۾ هندستاني بحريه جي ليفٽيننٽ اي، ايم، گريو جي نقشي جو به خيال نه ڪيو ويو آهي، جنهن سنڌو نديءَ جي ڇوڙ واري اوڀارين شاخ جو چارٽ سال 06-1800 ۾ ٺاهيو هو. هن چارٽ ۾ هڪ انچ برابر هڪ ميل هو ۽ اهو ” 39x“26 (انچ) پکيڙ جو هو(MS.India Office No.U.V.A)

* بلوچستان سان سنڌ جي اترين سرحد مقرر ٿيل آهي ۽ بلڪل موجوده حد بنديءَ وانگر آهي، جنهن ۾ ننڍڙي ٽڪنڊي جي پنجاب واري ايراضي ڪانهي، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي.

* سنڌ جي اتر اولهه واري سرحد دل مراد خان کان ستاويهه ڊگريون اتر طرف (27N) مقرر ٿيل ڪونهي، ۽ اها هڪ سڌي ليڪ ذريعي ڏيکاريل آهي. جيتوڻيڪ هي سرحد بمبئي فوج جي ڪئارٽر ماسٽر جنرل جي ڪيپٽن ميڪڊونالڊ ۽ ڊاڪٽر ليلور جي ماپيل آهي، جن 186ع جي اونهاري جي سڄي موسم ڏاڙهيارو ۽ ڪتي جي قبر وارين چوٽين تي گذاري هئي.

1876ع جي گزيٽير موجب سرحدون :

هيوز جو سنڌ گزيٽير 1874ع ۾ نڪتو ۽ وري 1876 ۾ جاري ٿيو. ان ۾ هندستاني سروير جنرل جي حاوي ڪيل سنڌ جي نقشي کي به شامل ڪيو ويو هو. هي قنشو مٿي ذڪر ڪيل مختلف ماپن جهڙوڪر ڊاڪٽر ليلور ۽ ڪيپٽن ميڪڊونالڊ(1860ع): ايم. ايم. گريو(06-1800) ۽ ٻين جي ڪيل سروي کي سامهون رکي ٺاهيو ويو آهي. 1874ع کان ڪري 1880 ع تائين هي نقشا جاري ٿيا، جي سنڌ جون سرحدون ڏيکارين ٿا.

* سنڌ صوبي جو نقشو ماپ 1 انچ برابر267200 انچ هو. هي نقشو رايل جاگرافيڪل سوسائٽي لنڊن ۾(R.G.S.No.1174) محفوظ آهي.

* سنڌ روينيو سروي جو تختيون (Sheets) 10 انچ برابر 153440 (هڪ انچ برابر چار ميل) انچ آهي. هي نقشو به رايل جاگرافيڪل سوسائٽي وٽ آهي(No.1168)

* سنڌ جو نقشو 10 انچ برابر 16 ميل آهي. هن جو نسخو هندستان جي قومي آڪائيوز دهليءَ ۾ آهي (No.1871)

سنڌ – بلوچستان سرحد

1874ع وارو نقشو سنڌ ۽ بلوچستان جو حدون، جهنگ ڪنڊ کان سمنڊ تئين ڏيکاري ٿو. سنڌ جي سرحد حن نديءَ کان اوڀر طرف ۽ بلوچستان جي سرحد اولهه طرف ڏيکاريل آهي. ان جو صاف مطلب هي آهي ته سرحد، حب جي وچ تي ٿي آهي جو ندي4 جو دائمري وهڪرو آهي.

Admin
Admin

Posts : 5
Join date : 2017-04-11
Age : 19
Location : Nawabshah,Sindh

View user profile http://sindhamar.yoo7.com

Back to top Go down

View previous topic View next topic Back to top


 
Permissions in this forum:
You cannot reply to topics in this forum